برڪت علي ڀٽ

برڪت علي ڀٽ

برڪت علي ڀٽ

برڪت علي ڀٽ: برڪت علي ڀٽ، سنڌ جو مقبول عوامي فنڪار آهي، هن 18 آگسٽ 1960ع ڌاري سکر ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جي مشهور فنڪار رسول بخش ڀٽ جو فرزند آهي. برڪت راڳ جي پهرين سکيا پنهنجي والد کان ورتي ۽ ان فن ۾ اهو سندس پهريون استاد آهي. ان کان پوءِ هن جڳ مشهور غزل گائڪ استاد غلام عليءَ کان سکيا ورتي. برڪت ڀٽ منفرد ۽ ناميارو فنڪار آهي. هن سنڌي صوفي ڪافي ڪلامن کان سواءِ گيت ۽ سنڌي اردو غزل به تمام سٺا ڳايا آهن. اسٽيج تي ٻڌندڙن کي موهي وجهندو آهي. 1980ع کان ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳائڻ شروع ڪيائين. هن وقت ريڊيو ۽ ٽي. وي سان گڏ مختلف سنڌي چئنلن تي غزل ۽ ڪافيون ڳائيندو آهي. سندس منو سؤ (75) کن ڪئسيٽون ۽ سي ڊيون مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هن صوفي درويشن جي درگاهن کان وٺي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ به ڳايو آهي. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. تازو 3 مئي 2009ع تي اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا پاران کيس جئپور (انڊيا) ۾ ”سنڌي فنڪار اوارڊ“ (25 هزار رپين سميت) ڏنو ويو. ان موقعي تي ”سنڌ جي سنڌي ادب“ تي محترم ولي رام ولڀ کي به اوارڊ ڏنو ويو هو .


لفظ برڪت علي ڀٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.18  عيسوي

برڪت علي، 18 آگسٽ 1960ع ڌاري سکر ۾ جنم ورتو.


2009.05.03  عيسوي

03 مئي 2009ع تي اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا پاران برڪت علي ڀٽ کي جئپور (انڊيا) ۾ ”سنڌي فنڪار اوارڊ“ ڏنو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسليما نسرين
پوراني ميرڪ سيد محمد
ڊاڪٽر ڊرئگو
طلعت محمود
عبدالغفور انصاري
عبدالنبي خان ڪلهوڙو
پير غلام شاهه جيلاني
علي احمد قريشي
ساڌنا ڀڳت
ڄام فيروز سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون